SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ثقافتي انقلاب


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

ثقافتي انقلاب

Cultural Revolution

چيني اشتمالي جماعت جي اڳواڻ مائوزيتنگ 1966ع ۾ هڪ نئين نظريي هيٺ ڪم شروع ڪيو، ان مطابق اشتراڪيت کان سرمائيداري نظام ڏانهن وک وڌائڻي هئي، ان وک کي ثقافتي انقلاب سڏجي ٿو. اها وک نظريي، سوچ ۽ ثقافت کي تبديل ڪري ٿي.


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


ثقافتي انقلاب

Cultural revolution


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ثقافتي انقلاب

Cultural Revolution

ڪلچرل ريووليوشن

چين جي ڪميونسٽ رهنما مائوزي تونگ 16 مئي 1966ع ۾ هيءُ تشدد نظريو/ لاڙو چين ۽ خاص طرح اتان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ آندو. انهيءَ سرگرميءَ هيٺ مائوزي تونگ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انهن ميمبرن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي دفاعي ۽ اقتصادي ميدانن ۾ سوويت يونين تي ڀاڙڻ جا حامي هئا. اِن انقلاب ذريعي مائوزي تونگ چين کي پاڻ- ڀرو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ هن انقلابي حڪمت عمليءَ تحت چيني ڪميونسٽن ۽ عوام منجهه ملڪيت ۽ پئسي لاءِ چاهه وارن لاڙن جو خاتمو آڻڻ لاءِ کين چيني سماج جي پورهيتن سان هٿ ونڊائڻ جي هدايت ڪئي. سياسي ليڊرن، انجنيئرن ڊاڪٽرن وغيره ۽ ٻين سفيد پوشن لاءِ پنهنجي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪجهه وقت هارپو، موچڪو ۽ حجامڪو وغيره ڪم به لازمي قرار ڏنو. مائوزي تونگ هن حڪمت عمليءَ ذريعي ”مستقل انقلاب“ جو تصور ڏيئي، هر ان خيال ۽ روايت کي پاڙان پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مان بورجوا اثر جي بوءِ ايندڙ هجي. اِن تحريڪ جو چيني فوج، نوجوانن ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي گهرو اثر پيو. ڪميونسٽ اڳواڻن لِن پيائو ۽ ليو شائوچي جهڙن اڳواڻن انهيءَ انقلاب جي مخالفت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڻن گڏ بيشمار ماڻهن کي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا.1976ع ۾ مائوءَ جي موت سان گڏ اِن انقلاب جو خاتمو آيو


Remember Me Also:

کو ٻ

ذ. زمين جو کوٻو ، کڏو. ڏِنگو ٿانءُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal